ڪنهن جنت جو ڪلهه خواب ڏٺم
ڪنهن جنت جو ڪلهه خواب ڏٺم
پر ان تي ڏاڍو عذاب ڏٺم
هن سور سندا جيئن سامهون رکيا
مان ائين نه اڳ بي حجاب ڏٺم
ڪنهن جنت جو ڪلهه خواب ڏٺم
پر ان تي ڏاڍو عذاب ڏٺم
جتي هيڻا لک هزار ڏٺم
اتي قانڀو خان قرار ڏٺم
هو جڪڙيل پنهنجو جيءُ جتي
اتي روئيندي ٻيا به زنوار ڏٺم
ڪي اڃان پنڌ پنهيار ڏٺم
ڪي منزل تي ته فرار ڏٺم
جنهن وس ڪيا پئي وحدت جا
مان ان جا پڻ آثار ڏٺم
ڪنهن جنت جو ڪلهه خواب ڏٺم
پر ان تي ڏاڍو عذاب ڏٺم
اڄ حسن سندس لاجواب ڏٺم
ڪا ديوي ڄڻ بينقاب ڏٺم
جنهن پنهنجو هو جيئدان ڏنو
مان ان لاءِ ڪو نه ثواب ڏٺم
هڪ منظر ڏاڍو عجيب ڏٺم
ڪنهن رانوڻ کي نه رقيب ڏٺم
هو هرڪو اتڙي حيرت ۾
مان سڀ ڪجه ڏاڍو قريب ڏٺم
ڪنهن جنت جو ڪلهه خواب ڏٺم
پر ان تي ڏاڍو عذاب ڏٺم
ڪي اڻ پڇيا ته ته سوال ڏٺم
ڪي بي بڪيا مون جواب ڏٺم
اڙي او زمانا ڀلو هئين ڀلو تون
سڀڪنهن جو هتڙي زوال ڏٺم
اتي هيڻو هي به شاھنواز ڏٺم
جتي عمل گهڻا بي جواز ڏٺم
هو منظر ڪهڙو ڪَلَ نه پئي
جتي عملن جا به ثواب ڏٺم
ڪنهن جنت جو ڪلهه خواب ڏٺم
پر ان تي ڏاڍو عذاب ڏٺم
چاچڙ شاهنواز
Comments
Post a Comment
new blog comment